Back to photostream

Shaoor [Consciousness]

”ڪو به ماڻهو سنڌي ان ڪري آهي جو سندس ۽ سندس وڏن جو ناتو سنڌي قوم جي ماڻهن سان آهي. هُو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي مفاد، سنڌي تاريخ، سنڌي ڪردار ۽ سنڌي پنھنجائپ جو هڪ جز آهي، ان ڪري ئي اسان کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جا گڏيل مفاد وڌيڪ پيارا آهن، ان ڪري ئي اسان جي چال چلت، اُٿا ويٺي، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن، وندر ورن مان سنڌي ثقافت جو اظھار ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح ڪو بلوچ، پختون، سرائيڪي، پنجابي، ويٽنامي، فرانسي، جرمن، انگريز وغيره ان ڪري آهي جو اهي پنھنجي پنھنجي وطن ۽ قوم سان واسطيدار آهن. سنڌ ۽ سنڌيءَ مٿان جيڪڏهن ڪو پنجابي پنھنجو بالادست، حاڪم، ڦورو مفاد ٿاڦڻ چاهيندو ته ظاهر آهي ته سنڌي ماڻهوءَ جو ان سان ٽڪراءُ ٿيندو. جيڪڏهن ڪو ٽولو پنھنجو اهڙو ”گنگا-جمني“ يا ”لشڪري“ مفاد سنڌ ۽ سنڌين مٿان مڙهڻ گهرندو ته ظاهر آهي ته سنڌي ماڻهن جي ساڻس ويڙهه ٿيندي. اسين ڪنھن کان به رنگ، نسل، ٻوليءَ، مذهب وغيره جي بنياد تي نفرت نه ٿا ڪيون، اسان جو دوست پورهيت عوام آهي، تنھنڪري ئي ويسرا پورهيت پسي لطيف جا کاهوڙي کِجن ٿا. اسين سنڌي آهيون ديس جي حوالي سان ۽ سڄيءَ دنيا جا ڀائر آهيون پورهيت ڀائپيءَ جي حوالي سان، ان ڪري ئي اسين دشمن آهيون هر ان ماڻهوءَ، ٽولي يا طبقي جا، جيڪو پنھنجا ناجائز ڦورو ۽ ڌاڙيل مفاد ڪنھن به مذهب، شريعت، سياست يا ٺڳيءَ جي آڙ ۾ يا زبردستي اسان جي مٿان، دنيا جي پورهيت عوام جي مٿان مڙهڻ گهري ٿو. ڦرلٽ جو نظام انسانيت کي، انسانذات کي، انساني ذهن کي، فطرت جي ڪجهه حصي کي فنا ڪرڻ گُهري ٿو، ان ڪري اسين ڦرلٽ جو نظام مِٽائي، اهو نظام قائم ڪرڻ گهرون ٿا جنھن ۾ سلڇڻائي، سيبتائي، سچائي، سورهيائي، سڄاڻ، سوجهرو ۽ سونھن هجي.“

 

- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (1952-1997ع) رَتاري رشتي ۾ ته منھنجو مانائتو ۽ محبتي ڀاءُ هو، پر سنڌي قوم جي هڪ فرد طور، هُو سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، محقق، ٻوليءَ جو ماهر، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، کاهوڙي سَپُٽ ۽ سائنسي نُڪتي نظر رکندڙ سڄاڻ مفڪر هو، جنھن پنھنجِي، فقط پنجيتاليھن ورهين تي مشتمل ننڍي حياتيءَ ۾، انيڪ علمي ۽ عملي ڪم ڪندي، هڪ پاسي سنڌي ماڻهن کي عملي ۽ فڪري طور سجاڳ ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو ۽ ٻئي پاسي سنڌي ٻوليءَ جون رمزون پروڙڻ جون ڪارگر ڪوششون ڪيون ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ جا جتن ڪيا.

فلسفو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ’دل پسند‘ موضوع هو. کيس ان موضوع تي پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ سمجهائڻ گهڻو ئي وڻندو هو. ان دل-پسنديءَ سبب هن هيءُ ڪتاب ”شعور“ لکيو، جيڪو سندس تخليقي ڪتابن منجهه هڪ انتھائي اهم ڪتاب آهي. هُن سنڌي ماڻهن جي ڏاهپ وڌائڻ لاءِ، عام سمجهه واري انداز ۾ هيءُ ڪتاب لکيو. سندس مقصد هڪ ئي هو ته سنڌ ۾ فلسفي جي موضوع کي سھنجي ٻوليءَ ۾ سمجهايو ۽ عام ڪيو وڃي، ته جيئن نه صرف فلسفي جي موضوع کي مثبت طور اختيار ڪجي، پر ان کي ڏکيو موضوع سمجهڻ جو ڊپ ڊاءُ به ختم ٿئي.

اسان 2004ع ۾، هيءُ ڪتاب ”شعور“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپيو، ته سنڌي ماڻهن ۾، خاص ڪري شاگردن ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ واکاڻيو ويو، جنھنڪري سُتت ئي ان جون سموريون ڪاپيون وڪرو ٿي ويون. ان ڪتاب جي مقبوليت سبب، 2008ع ۽ 2011ع ۾، اسان جي گذارش تي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان پنھنجيءَ دوستيءَ ۽ هڪ مقصد تحت، محترم جامي چانڊئي ”شعور“ جا ٻه ڇاپا پنهنجي اداري سِي پِي سِي ايس (CPCS) پاران پڌرا ڪيا، جيڪي پڻ تَڪڙا ختم ٿي ويا. ان وچ ۾ ڪجهه دوستن هن ڪتاب جون پنجاهه ڪاپيون فوٽو ڪاپيون ڪرائي به پڙهيون ۽ پڙهايون. ٻئي طرف، گذريل ٻن ٽن ورهين کان مسلسل هن اهم ڪتاب جي گُهر ٿي رهي هئي. انهن حالتن ۾، اها اسان لاءِ نھايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته سنڌ جو مشھور ڇپائيءَ جو ادارو ”روشني“؛ هِن گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويندڙَ فلسفي جي ڪتاب ”شعور“ جو چوٿون ڇاپو ڇپرائي رهيو آهي. پڪ ئي پڪ، ”شعور“ جو هيءُ ڇاپو پڻ پيارن پڙهندڙن جي علمي اُڃ اُجهائڻ ۽ شعوري اوسر ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو- اِهو ئي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو به مقصد هو.

 

رياضت ٻرڙو

 

web.facebook.com/RoshniPublication

twitter.com/RoshniPublicat

pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b

www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums

plus.google.com/u/0/110544413428908459446

www.pinterest.com/roshnipublication

www.goodreads.com/book/show/40209298-shaoor-consciousness

 

Book No . 911

Kitab Jo Nalo: Shaoor [Consciousness]

 

by: Dr. Muhabbat Buriro

Compiled by: Riazat Buriro

 

4th Edition © Roshni 2018

3rd Edition: April 2011, By: CPCS Hyderabad

2nd Edition: April 2008, By: CPCS Hyderabad

1st Edition: April 2004, By: Dr. Muhabbat Academy (Regd.) Kamber

 

Pages: 174

Size: Demy

Published By: Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 250.00

 

Contact: 022-2780908, 0333-3782408

web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar

Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

 

اسٽاڪسٽ

 

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

 

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو

رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه

المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص

المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ

سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو

مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس

نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس

مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو

ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

2,308 views
0 faves
1 comment
Uploaded on May 31, 2018