Vicky Sindhi
Kuchhan Kujaro (Essays)
اسان جي يار حيدر علي لغاريءَ جي مضمونن ۽ مقالن (Essays) جو مجموعو ”ڪڇان ڪڄاڙو“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن جو حڪم آهي ته آءٌ ان تي ”تعارف“ لکان. آءٌ ڪجهه قدر مونجهاري ۾ آهيان ته هن مون سان اها حجت ڪيئن ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڳچ وقت کان آءٌ گمنام ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، ۽ اڄ ڪلهه ڪجهه لکان به ڪونه ٿو. منهنجي سنڌيءَ ۾ لکڻ جو عمل، هلال پاڪستان ڇڏڻ کان پوءِ ڄڻ ته سنڍ ٿي ويو آهي، پر حيدر لغاري جهڙي عالم جي حجت نه مڃڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي، ان ڪري ڪجهه رنڍا روڙي ورتا اٿم:
”جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.“
جيئن مون مٿي چيو آهي ته هي ڪتاب مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي، مون کي هميشھ اهو احساس ٿيندو آهي ته اسان جي ادب ۾ مضمونن جي اڻ هوند آهي. اسان جي ادب ۾ اڌ کان مٿي شاعري آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس وغيره کان پوءِ تقريباً هر لکندڙ شاعريءَ سان قسمت آزمائي پئي ڪئي آهي. جنهن به ادب ۾ ڪنهن صنف ۾ گهڻ ٿي وڃي ٿي، پوءِ ان جو معيار ڪرڻ لڳندو آهي. شاعري دماغ جي بدران دل جي جذبن ۽ احساسن جو اظهار آهي. جن کي اها ڏات هوندي آهي، انهن جي شاعريءَ ۾ ڪوشش بنان به وزن ۽ جذبن جي سچائي هوندي آهي. ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ته ڳالهه ئي جدا آهي، پر عروضي شاعري ۾ به جن کي شاعريءَ جي قدرتي ڏات هوندي آهي، انهن جي شاعري ازخود علم عروض جي بحر وزن تي پوري هوندي آهي. هو ڪڏهن به ڪو بحر يا وزن مقرر ڪري، ”فاعلانن فاعلاتن.... يا مفاعيلن مفاعيلن... وغيره“ جي پيروي ڪندي، شاعري ڪونه ڪندا آهن، منهنجو اهو ذاتي مشاهدو آهي. اياز منهنجي لئبرري ۾ في البديع سوين شعر چوندو هو، پوءِ جڏهن مون وٽان ويندو هو ته پنهنجي گهر ۾ انهن کي پنهنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪري ڇڏيندو هو. ڪجهه شاعري نوٽ ڪرڻ کان رهجي به ويندي هيس. اها ئي ساڳي صورتحال مون تنوير ۽ نياز همايوني ۾ ڏٺي. مجال آهي جو انهن جو في البديع ڪو شعر وزن بحر تي پورو نه اچي!
پر ان جي برعڪس ڪيترا شاعر جيڪي اڄ ڪلهه يا ڪجهه عرصي کان شاعري پيا ڪن ۽ شوق سان رسالن ۾ يا ڪتابي صورت ۾ ڇپائن ٿا، انهن ۾ نه ڪا قلبي واردات هوندي آهي، نه ڪو سهڻو خيال، نه ڪا ڇرڪائيندڙ جذباتي اُڇل هوندي آهي، ۽ سڀ کان ڏکوئيندڙ ۽ بدقسمتي جي ڳالهه اها هوندي آهي. مون ته هڪ ڀيري امداد حسيني کي گذارش ڪئي ته يار، تون مشاعرن ۾ ويندو ٿو رهين، ۽ هونئن به ڪيترا ”شاعر“ تو سان ملڻ اچن ٿا، انهن کي ڪا صلاح ڏي ته، بابا، شاعري هڪ فن آهي، ڪلا آهي، ان کي تيسين نه آزمايو، جيسين اوهان ۾ ان جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿئي. امداد کلي چيو: ”يار سراج، تون به ڪو زوراور آهين، مون کي ڪا ”شاعرن“ کان مار کائڻي آهي، جو آءٌ هنن کي پاڻ ۾ پختگي آڻڻ جي صلاح ڏيان!“
سنڌي ادب جي باقي اڌ ۾ نثر جون مڙيئي صنفون اچي ٿيون وڃن. اسان وٽ ”ناول“ تمام گهٽ لکيو ويو آهي، هاڻ به گهٽ پيو لکجي، البت ڪهاڻي ۽ مختصر افسانو ڪافي تعداد ۾ موجود آهي. اڳي به ڪهاڻيون لکيون وينديون هيون ۽ هاڻ به لکجن پيون، البت ان ۾ به شاعريءَ وانگر موضوعاتي اوڻايون ڪافي آهن. رڳو ”وڏيري ۽ هاري“ ۽ نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي ”عشق“ جي گهڻ، هن صنف کي به لاتئون ڪيو آهي. اهو به ان ڳالهه جو نتيجو آهي ته اسان جا ڪهاڻي نويس مطالعو ڪرڻ کي شايد عيب ٿا سمجهن. اردوءَ جا افسانا ۽ ناول پڙهي طبع آزمائي ڪرڻ وارن هن صنف کي وڏو ڌڪ هنيو آهي. جيڪڏهن اهي يار انگريزي، فرينچ ۽ روسي ٻولين جون (انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل) ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهندا رهن ته سندن طبعزاد ڪهاڻين ۾ ڪجهه معياري تبديلي اچي سگهي ٿي.
سنڌي ادب جي نثري حصي ۾ ”مضمون نويسي“ نهايت اهم جاءِ والاري ٿي. اهو ئي منهنجي هن ”تعارف“ جو موضوع آهي، ڇاڪاڻ ته حيدر علي لغاري صاحب جو ڪتاب مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. سنڌي ادب جي ويجهي دؤر ۾ مضمون نويسيءَ تي چڱا تجربا ڪيا ويا آهن. ان کي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سٺي همت افزائي ملندي رهي آهي، پر سنڌي مضمون نويسيءَ تي اچڻ کان اڳ آءٌ چاهيان ٿو ته هڪ ادبي صنف طور ”مضمون“ جي اصليت ۽ ماهيت تي اوهان سان ڪجهه ويچار ونڊيان.
”مضمون“ يا مقالي نگاري (Essay) انگريزي ادب جو هڪ اهم موضوع آهي، ۽ انگريزي ادب جو ڄڻ ته شان آهي، پر ان جو اصل نسل وري به فرينچ ادب ۾ ڳولڻو پوندو. فرانس ۾ سورهين صديءَ ۾ هڪ دانشور ”مانٽين“ (Montaigne) ٻه ادبي ڪاوشون ”ايسيز“(Essais) جي نالي سان 1588ع ۾ پئرس ۾ ڇپايون. هي هڪ اهڙي ڪوشش هئي، جيڪا نه ناول هئي، نه مختصر ڪهاڻي، نه داستان، نه مهماتي بيان (Adventure): سڌو سنئون نهايت مربوط نثر هو. هن پنهنجي ڪاوش کي جو ”ايسيز“ جو نالو ڏنو، اهو انگريزيءَ ۾ Essay بڻجي ويو ۽ اڄ تائين ادبي صنف طور مضمون نويسي کي Essay ئي سڏين ٿا.
مانٽين جو ڪتاب 1603ع ۾ هڪ پادريءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايو. اصل واهه واهه ٿي ويئي، ۽ مانٽين جو نالو انگلينڊ ۽ انگريزي ادب ۾ بي انتها مشهور ٿي ويو. ۽ هن جي پيرويءَ ۾ انگريزي ادب ۾ به مضمون نويسيءَ تي طبع آزمائي شروع ٿي ويئي. انگريزي مضمون نويسن جو هڪ وڏو تعداد مانٽين جي صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهيو. انگريزي ۾ ايبرهام ڪائولي (Abraham Cowle) کي انگريزي مضمون نويسيءَ جو ابو سڏيو وڃي ٿو. ننڍي کان ننڍي شيءِ کان وڏي کان وڏي مسئلي کي هڪ ترتيب سان مختصر بيان ڪرڻ، جنهن مان لکندڙ جي شخصيت جي به عڪاسي ٿئي، مضمون جي وصف آهي. انگريزي ادب جا نهايت وڏا نالا مضمون نويسي جي ڪري مشهور آهن. انهن سڀني ۾ فرئنسز بيڪن (Francis Bacan) سترهين صديءَ جي شروع ۾ گهڻي مشهوري حاصل ڪئي. هن جي رڳو ٽن ڪتابن ۾ هڪ سؤ ڇهه مضمون وقفي وقفي سان شايع ٿيا، ۽ انهن ۾ هن ڏاڍن اهم موضوعن تي لکيو. مثلاً: عدل، انصاف، سچ، انساني عزم، اُتساهه وغيره. ان کان پوءِ ته سون جي تعداد ۾ مضمون نويس انگريزي ادب ۾ اڄ به روشن ستارن وانگر چمڪن ٿا. ڊاڪٽر جانسن، جان لاڪ، چالرس لئمب، ائڊيسن، هئنزلٽ، اوليور گولڊ سمٿ، هينري، فيلڊنگ، مئٿيو آرنلڊ، والٽر پيٽر، راموٽ لوئيس اسٽپونسن، ڪولڊج، والٽر بيجهاٽ، رسڪن، ڪارلائل، جي ڪي چيسٽرٽن، ورجينيا وولف، جي بي پريسٽلي ۽ ٻيا سوين نالا وٺجي سگهن ٿا، جن مضمون نويسيءَ سان انگريزي ادب کي هڪ بيش بها خزانو ڏنو آهي.
اردو ۾ مضمون نويسيءَ جا گهڻا حوالا ڪونه ٿو ڏيان ڇاڪاڻ ته اردو جي مضمون نگارن ۾ هڪڙي روايت آهي ته گهڻي ۾ گهڻا ۽ ڏکيا عربي فارسيءَ جا لفظ ڏيڻ سان اردو ادب جي وڏي خدمت ٿئي ٿي. دراصل اهو رجحان تڏهن شروع ٿيو، جڏهن هندي ۽ اردو ٻولين جو تنازعو شروع ٿيو. ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي کان ننڍي کنڊ ۾ اهو تنازعو هلندو آيو ۽ انهيءَ کي ذري گهٽ مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي. هنديءَ وارا گهڻي ۾ گهڻا سنسڪرت جا لفظ ۽ محاورا ٻوليءَ ۾ ٽنبيندا رهيا، ۽ ان جي مقابلي ۾ اردو وارا وري عربي ۽ فارسيءَ جا ابو الڦوڙاٽ لفظ ۽ محاورا شامل ڪندا ويا. (ڪجهه وقت ان جو اثر سنڌي ادب تي به پيو: هڪڙا اديب عربي فارسي سان پنهنجي ادب کي ”سينگارڻ“ لڳا ته ٻيا وري (خاص ڪري هندو اديب) هندي ۽ سنسڪرت لفظن ۽ محاورن کي آزمائڻ لڳا. شڪر ٿيو جو اهو رويو آهستي آهستي گهٽجندو ويو ۽ اسان جو سنڌي ادب سامت ۾ آيو.)
ان اعتراض جي باوجود ڇاڪاڻ ته اسين اردوءَ کي واپرائڻ تي قانونن مجبور آهيون، ان ڪري اردو ادب جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ان جو ٻيو به سبب آهي ته اسان جي سنڌي اديبن جي لڏي مان اڪثريت اردو ادب ۽ صحافت کي پنهنجي رهنمائيءَ ۽ آورد لاءِ ڪتب آڻي ٿي، ان ڪري ان جو مختصر ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. اردو ادب کي ۽ خاص ڪري مضمون نويسيءَ جي حوالي سان اردو رسالن وڏي خدمت ڪئي آهي. نياز فتحپوري جي رسالي ”نگار“ جو نالو آءٌ اهم ترين سمجهان ٿو. شايد ان جو هڪڙو سبب اهو به هجي ته منهنجي ادبي اوسر ۾ ان رسالي ۽ ان ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن جو وڏو حصو رهيو آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد، نياز فتحپوري، مولانا عبدالماجد دريابادي، مالڪ رام وغيره ان ابتدائي دؤر جا وڏا نالا آهن. ان کان سواءِ کاٻي ڌر جي ترقي پسندتحريڪ جي ڪري به نقوش، سويرا، پريت لڙي، آجڪل ۽ ٻيا ڪيترا رسالا ميدان تي آيا، جن ۾ کاٻي ڌر توڙي ساڄي ڌر جا اديب مولوي عبدالحق، شوڪت ٿانوي، آل احمد سرور، حسن مثنيٰ ندوي، محمد حسين آزاد، پروفيسر احتشام حسين، انتظار حسين، مولانا احسن مارهروي، ۽ انيڪ بيا لکندڙ مضمون نويسي ڪندا رهيا. موجوده دؤر ۾ عبادت بريلوي، جميل جالبي، فرمان فتحپوري، جميل الدين عالي، ابن انشاءَ وغيره ۽ ٻيا سوين اديب مضمون نويسي ڪندا رهيا آهن، جيتوڻيڪ ڪن کي شهرت شاعر، افسانه نويس يا ناول نگار طور ملي آهي.
سنڌيءَ ۾ مضمون نويسي ڪافي آڳاٽي آهي، پر ان جو جديد اندازو وري به ان شخص سان شروع ٿئي ٿو، جنهن کي سنڌ جي عالمن ۽ ادب دوستن ”آفتاب ادب“ جو لقب ڏنو هو. يعني، مرزا قليچ بيگ، جنهن جا ٿورا سنڌي قوم لاهي نٿي سگهي. هن ادب جي ڪابه صنف نه ڇڏي، جنهن تي هن طبع آزمائي نه ڪئي هجي: شاعري، داستان گوئي، ڪهاڻيون، ناول ۽ مضمون، ان کان سواءِ هن ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ ۽ فارسيءَ مان ترجمو ڪري، سنڌي ٻولي جو پلئه ڀري ڇڏيو. هن اٽڪل ۾ (چارسؤ) ڪتاب لکيا، جن مان اڌ کان به مٿي هن جي زندگي ۾ ئي ڇپيا. انگريزن هن جي سنڌي ٻولي ۽ ان جي خدمتن جي اعتراف طور کيس ”شمس العلماءُ“ جو خطاب عطا ڪيو. هن کي ڏسندي ۽ سندس ڪتاب پڙهندي، سنڌ جا ٻيا به ڪيترا عالم ادب جي ميدان ۾ لنگهي آيا. مسلمانن کانسواءِ هندو عالمن به سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو. اهو سلسلو اوڻهين صديءَ جي آخر کان ويهين صديءَ تائين هلندو آيو ۽ سوين نالا کڻي سگهجن ٿا. ليکڪن ۾ شاعري يا ٻين موضوعن تي هڪ ٻئي سان بحث ٿيندا هئا، ۽ اهي تنقيدون ڇپبيون به هيون.
هتي ان ڳالهه جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته ويهين صديءَ جي شروعات کان سنڌي هفتيوار، ماهوار، ۽ پوءِ روزاني اخبارن، سنڌي ادب کي ۽ خاص مضمون نويسي جي فن کي ڪافي اڳتي وڌايو. انهن اخبارن ۾ بحث مباحثا ٿيندا هئا. مضمون رڳو سياسي يا ادبي مسئلن تي ڪونه ڇپبا هئا، پر هر موضوع تي ڇپبا هئا، جنهن لاءِ لکندڙ محسوس ڪندا هئا ته سنڌيءَ ۾ ان موضوع تي اڳي ڪجهه نه لکيو ويو آهي. مسلمان توڙي هندو عالمن جي هڪ ڊگهي قطار آهي جن اها خدمت ڪئي. قليچ بيگ جي ئي خاندان مان سندس پٽ مرزا نادر بيگ به سنڌيءَ ۾ مضمون نويسي ڪئي. ڪئين نالا ياد پيا اچن. شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائودپوٽو، فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين بلبل، مولوي الله بخش اٻوجهو، عثمان علي انصاري، لطف الله بدوي، حيدر بخش جتوئي، محمد صديق ميمڻ، ميران محمد شاهه، دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي، حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، جي. ايم. سيد، محمد اسماعيل عرساڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا عالم ۽ اديب جن مضمون نويسيءَ ۾ نالو ڪڍيو، پر هن وقت ياد نه پيا اچن. هندو عالمن جي به هڪ ڊگهي صف آهي، جن به سنڌي زبان کي شاهوڪار ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو. ڊاڪٽر گربخشاڻي، هرو سدارنگائي، جهامنداس ڀاٽيا، ڀيرومل مهرچند، لالچند امر ڏنو مل، ڏيارا گدومل، جيرامداس دولترام، ڄيٺمل پرسرام، ليلا رام وطن مل، پرمانند ميوارام، ايم. يو، ملڪاڻي، ليکراج عزيز، امر لال هنڱوراڻي، سوڀو گيانچنداڻي (جيڪو، شڪر آهي ته اڃا زنده سلامت آهي) پرسرام ضياءُ، رام پنجواڻي، گوبند مالهي، ڪوڙو مل کلناڻي، ڪيولرام سلامت راءِ. هي اهي نالا آهن جيڪي ياد پيا اچن ۽ جن جا مضمون جوانيءَ ۾ پڙهيا هئم. هن مان ظاهر آهي ته مضمون نويسيءَ تي سنڌي عالمن ۽ اديبن اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. هي سمورا نالا مون بنا ڪنهن ترتيب يا دؤر (۽ عيسوي سن) کي ذهن ۾ رکندي ڏنا آهن، نه وري مون ڪنهن اعليٰ يا ادنيٰ معيار کي سامهون رکيو آهي. ان کان سواءِ هندن توڙي مسلمانن ۾ ڪئين نالا رهجي ويا هوندا، جيڪي سردست ياد نه پيا اچن، ان لاءِ معافي ٿو گهران.
ان سلسلي کي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن موجوده دؤر ۾ به قائم رکيو آهي، انهن منجهان هڪ محترم حيدر علي لغاري به آهي، جنهن جو اڳيون ڪتاب ”اندر ملهه اَملهه“ اعليٰ درجي جي نثر ۽ مضمون نويسيءَ جو مثال هو. سندس هي ڪتاب ”ڪڇان ڪڄاڙو“ به مضمون نويسي جو نهايت عمدو مثال آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جا اڪثر مضمون ان صنف تي پوري طرح موزون آهن. انهن ۾ اختصار به آهي، ڳالهه سمجهائڻ جو سليقو به آهي ۽ موضوع سان ديانتداري به آهي. لغاريءَ جي هڪ اهم ۽ نهايت وڻندڙ خصوصيت سندس ٻولي ۽ ان جو ورتاءُ آهي. ان کانسواءِ انهن مضمونن ۾ هڪ گهرو معنوي فلسفو آهي، جنهن کان متاثر ٿيڻ ۽ ان تي سوچڻ تي ماڻهو مجبور ٿيو پوي. (جيتري ٻولي عاليشان ۽ مائيدار آهي، اوتري ئي وڏي اوڻائي آهي ته ڪٿي به دمن جي نشانين تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي. ڪٿي دم يا اڌ دم، ڊئش ( ننڍي ليڪ) سوال جي نشاني هئڻ گهرجي، ان تي جوڳو توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ مهراڻ رسالي ۾ (Punctuations) تي منهنجو ڪافي ڊگهو مضمون ڇپيو هو. ان کي ذهن ۾ رکي، جيڪڏهن مصنف آخري پروف پاڻ پڙهي، ۽ هن اوڻائي جو پورائو ڪري ته سنڌي پڙهندڙن تي سندن ٿورا ٿيندا.!)
حيدر جا هي مضمون اخبارن يا رسالن ۾ اڳي ڇپجي چُڪا آهن، سي ڪنهن پڙهيا، ڪنهن نه پڙهيا، ان ڪري انهن کي گڏ ڪري مختلف عنوانن سان سهيڙي شايع ڪرڻ سنڌي ادب ۽ معاشري جي وڏي خدمت آهي. مون کي جيڪي مضمون وڻيا آهن، انهن ۾ ”سنڌوماٿريءَ جي تاريخ ۽ تهذيب“، ”سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تعليم“، ”تعليم ۽ ان جي جوهري افاديت“، ”ڌرتي ڌرتتي“، ”لطيف: ڪجهه تاثرات قدرن ۽ ڪردارن جي تناسب ۾“ منهنجي نظر ۾ نهايت اعليٰ درجي جا آهن. انهن کي وري وري پڙهڻ تي دل ٿي چوي، بلڪ مجبور ٿيو پوي.
حيدر صاحب هي ڪتاب ڇپائي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هن کي جَس هجي.
سراج
web.facebook.com/RoshniPublication
pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
plus.google.com/u/0/+RoshniRublication
www.pinterest.com/roshnipublication
www.goodreads.com/book/show/41185088-kuchhaan-kujaro
Book No . 866
Kitab Jo Nalo: Kuchhaan Kujaro (Essays)
By: Haider Ali Laghari
Second Edition © Roshni 2017
First Edition: Osar Perhka 2007
Pages: 392
Size: Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 500.00
Contact: 022-2780908, 0333-3782408
web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
سارنگ بوڪ ورلڊ، گهنٽه گهر، سکر+ مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو